سندهه دي سوغات

سندهه دي سوغات

سندهه دي سوغات

سندهه دي سوغات (ڪتاب): هي مشهور شاعر رشيد احمد لاشاريءَ جي سرائيڪي ڪلام جو مجموعو آهي، ڪتاب جو سر ورق نامور مصور خدا بخش ابڙي جو تيار ڪيل آهي. ڪتاب جو انتساب، شاعر پنهنجي مٺڙي ماءُ، امان ٻائي لاشاري جي نالي ڪيو آهي، جنهن پنهنجي مٺڙي مادري ٻولي سهڻي سرائيڪيءَ ۾ کيس لطفن ڀري لولي ڏني. جنهن سبب صاف سٿري سليقه شعار زبان جي صدقي کيس نه رڳو پنهنجي محبوب ملڪ جي سٻاجھي سنڌي زبان ۾ پر ٻين زبانن ۾ به نظم ۽ نثر لکڻ جي سعادت نصيب ٿي. ڪتاب جو پيش لفظ سندس فرزند مختيار احمد لاشاريءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ نعتون، منقبتون، ڪافيون، دوها، ڏوهيڙا، غزل ۽ نظم شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 184 صفحن جي هن ڪتاب جي ڪتابت عيسى سربازيءَ ڪئي آهي ۽ پرنٽر اڪبر آرٽ پرنٽرز، ڪراچي آهي. هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو